پراڻ 2

پُراڻ 2 (ڪتابَ): هي هندن جا بنيادي ڌرمي ڪتاب آهن. جيڪي 250ع کان 1550ع تائين لکيا ويا. پُراڻ جو مطلب آهي ”قديم يا پراڻا“. جن ۾ قديم ديوتائن جون ڪهاڻيون ۽ سورمائن جا داستان ۽ تاريخ شامل آهي. اهي مهاڀارت ۽ رامائڻ جهڙن عظيم رزميه داستانن جا وارث يا جانشين تصور ڪيا ويندا آهن. ڪُل ارڙهن پراڻ آهن، جن جا نالا ۽ لکجڻ جو عرصو هن ريت آهي:
(1) برهما پراڻ (900ع کان 1250ع)، (2) برهمانڊ پراڻ (350ع کان 950ع)، (3) برهماوي ورت پراڻ (750ع کان 1550ع)، (4) مارڪنڊيا پراڻ (250ع)، (5) ڀوَشِيا پراڻ (500ع کان 1200ع)، (6) وامَن پراڻ (450ع کان 900ع)، (7) وشنو پراڻ (450ع)، (8) نارد پراڻ (750ع کان 900ع)، (9) ڀاڳوت پراڻ (950ع)، (10) گرودا پراڻ (900ع)، (11) پدم پراڻ (750ع)، (12) وارها پراڻ (750ع)، (13) متسيا پراڻ (250ع کان 500ع)، (14) ڪرما پراڻ (550ع کان 850ع)، (15) لِنگ پراڻ (600ع کان 1000ع)، (16) شِوَ پراڻ (750ع کان 1350ع)، (17) سَڪند پراڻ (750ع کان 1150ع)، (18) اگني پراڻ (800ع).
سڀ پراڻ منظوم آهن، پر انهن ۾ ڪٿي ڪٿي نثري عبارتون به شامل آهن. سڀني پراڻن ۾ موجود اشلوڪن جو تعداد چئن لکن جي لڳ ڀڳ آهي. سڀئي پراڻ اصل ۾ سنسڪرت ٻوليءَ ۾ لکيل آهن، جيڪي هندن جي عقيدي موجب ويد وياس جا لکيل آهن. انهن سڀني پراڻن کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. هر حصي ۾ ڇهه پراڻ آهن. جيئن ته پراڻن ۾ برهما، وشنو ۽ شِوَ جي تعريف ۽ انجي عظمت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ قصا ۽ ڪهاڻيون بيان ٿيل آهن. برهما متعلق ڇهه پراڻ ”ٻَراجس پراڻ“ آهن. وشنو متعلق ڇهه پراڻ ”ست وا“ يا ”ست وڪا“ پراڻ ۽ شِوَ متعلق ڇهه پراڻ ”تامس پراڻ“ سڏبا آهن. هنن سڀني پراڻن ۾ ڀاڳوت پراڻ وڌيڪ مقبول آهي. ان جو سبب اهو آهي ته ان ۾ وشنو ديوتا جي اوتارن خاص ڪري شري ڪرشن جو بيان تفصيل سان ملي ٿو. سڀ کان وڌيڪ مڪمل دلچسپ ۽ مشهور وشنو پراڻ آهي. جنهن جو ڪيترين ٻولين ۾ مڪمل ترجمو به ٿي چڪو آهي. پراڻن ۾ رڳو مذهب کي موضوع نه بڻايو ويو آهي، پر ان ۾ وهمن ۽ داستانن، قصن، ڪهاڻين جي ڀرمار آهي ۽ منجهن ديوتائن جا شجرا پڻ بيان ٿيل آهن. سنسڪرت ٻوليءَ جي ماهر امر سنها، پُراڻن جي موضوعن جي باري ۾ چيو آهي ته: ”پراڻن ۾ پنج اهم ترين موضوع آهن. ڪائنات جي تخليق، ڪائنات جي تباهي ۽ نئين سر تخليق، ديوتائن ۽ بزرگن جا نسب ناما، آرين جي دؤر جي حڪومت، چندر ونسي ۽ سورج ونسي خاندان جي حڪمرانن جي تاريخ“.
موجوده پراڻن جي قدامت ڀارت ۾ گپتا خاندان جي عهد 275ع کان 550ع کان اڳ مشڪل سان ملي ٿي. پُراڻن ۾ هزارين سال قديم واقعن جو ذڪر به ملي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو